زوم جي مقابلي ۾ فيس بڪ به وڊيو ڪانفرنس سروس متعارف ڪرائي ڇڏي

news

لنڊن: (اڱارو 28 اپريل 2020ع) سماجي رابطي جي مشهور ترين ويب سائٽ(فيس بڪ) وڊيو ڪانفرنس ايپ(زوم) جي مقابلي ۾ ميسنجر رومز فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

خبرون ڏيندڙ اداري موجب فيس بڪ لاڪ ڊائون دوران صارفين جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي هڪ نئون فيچر ميسنجر رومز متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت 50 ماڻهو وڊيو چيٽ ڪري سگهن ٿا. ان سروس جي خاص ڳالهه اها آهي ته چيٽ ۾ اهي ماڻهو به شامل ٿي سگهن ٿا جن جو فيس بڪ تي اڪائونٽ ناهي ۽ نه ئي ميسنجر هجڻ ضروري آهي.

فيس بڪ جي سربراهه مارڪ زڪربرگ ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته ميسنجر رومز ڪمپيوٽر سان گڏوگڏ موبائل فون تي به استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪنهن به وقت صارفين پنهنجي دوستن ۽ فيملي ميمبرن سان وڊيو چيٽ ڪري سگهن ٿا. فيس بڪ جي چيف ايگزيڪٽو مارڪ زڪربرگ سروس جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو آهي ته هي ايپ ڪمپيوٽر يا فون تي کليل رهندي وڊيو چيٽ جي دعوت جو لنڪ ملڻ تي وڊيو چيٽ ۾ شامل ٿي سگهجي ٿو. اهڙي طرح ڪنهن اجنبي جي وڊيو چيٽ جي دوران شامل ٿيڻ جا امڪان ٻُڙي ٿي ويندا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته وڊيو چيٽ جي  لاءِ دعوتي لنڪ فيس بڪ يا ميسنجر ايپ نه هجڻ جي صورت ۾ پاڻمرادو برائوزر ۾ کلي ويندو ۽ ائين ئي صارف به وڊيو چيٽ ۾ شامل ٿي ويندو جنهن جو فيس بڪ يا ميسنجر تي اڪائونٽ به ناهي. ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون سبب انٽرنيٽ جو استعمال وڌي ويو آهي. جڏهن ته آفيسن جي بجاءِ گهر ۾ ڪم ڪرڻ جي رجحان ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ زوم ايپ جو استعمال به وڌي ويو آهي جنهن کي ڏسندي فيس بڪ به وڊيو چيٽ ڪانفرنس متعارف ڪرائي ڇڏي آهي جيڪا ايندڙ هفتي تائين صارفين جي لاءِ دستياب هوندي.