غذائي شين جي برآمد تي پابندي برقرار رهندي: وفاقي ڪابينا

news

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ غذائي شين جي برآمد تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

جاري ڪيل پڌرائي موجب غذائي شين تي پابندي بابت جائزو 2 هفتن کانپوءِ ورتو ويندو. وفاقي ڪابينا اي سي سي جي 22 ۽ 27 اپريل جي فيصلن جي توثيق ڪئي.

پڌرائي موجب مزدورن لاءِ پهرين مرحلي ۾ 75 ارب جي رليف پئڪيج جي منظوري ڏني وئي وئي. وزيراعظم جي خاص معاون سماجي بهبود ۽ صنعتن جي وزير کي جامع لائحه عمل بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پڌرائي موجب ناڻي وارو صلاحڪار ڪابينا کي مسابقتي ڪميشن جي انضباطي معاملن تي پيشرفت کان آگاهه ڪيو. ڪابينا شائسته بانو گيلاني کي قائم مقام چيئرپرسن مسابقتي ڪميشن تعيناتي جي منظوري ڏني وئي.

پڌرائي موجب ڪابينا جي نيٽنگ آف فنانشل ڪنٽريڪٽس بل 2020 جي اصولي منظوري ڏني وئي. بل جي منظوري جو مقصد موجوده حالتن ۾ مالياتي معاهدن کي بچائڻ آهي.

وفاقي ڪابينا صحافين ۽ صحافتي تنظيمن لاءِ گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.