دبئي ۽ ابو ظهبي مان ايندڙ سوين مسافر قرنطينه منتقل

news

اسلام آباد: (اربع 29 اپريل 2020ع)  ابوظهبي ۽  دبئي مان 4 خاص اڏامن جي ذريعي اسلام آباد، ملتان ۽ فيصل آباد ايندڙ ماڻهن کي مختلف هنڌن تي قرنطينه مرڪز منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته ابوظهبي ۾ فوت ٿي ويل شخص جي ميت لاهور منتقل ڪئي وئي آهي.

ابوظهبي مان 130 مسافر پي آءِ اي جي اڏام  ذريعي فيصل آباد پهتا جتي سندن اسڪريننگ ڪئي وئي. ايئرپورٽ اختيارين موجب 93 مسافر قرنطينه مرڪز جي سي يونيورسٽي منتقل ڪيا ويا. جڏهن ته 37 مسافرن کي 3 مختلف هوٽلن ۾ منتقل ڪري قرنطينه ڪيو ويو آهي.

ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته پرڏيهه مان ايندڙ سمورن ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويندا. ابوظهبي ۾ فوت ٿي ويل پاڪستاني جي ميت به اڏام جي ذريعي آندي وئي جنهن کي وارثن جي حوالي ڪيو ويو. گذريل رات دبئي مان ايندڙ 2 خاص اڏامن جي ذريعي 294 مسافر ملتان به پهتا هئا. پهرين فلائٽ جي ذريعي 151 مسافر ملتان پهتا ان مان 88 مسافر ليبر ڪمپليڪس قرنطينه مرڪز جڏهن ته 50 مسافر هوٽل منتقل ڪيا ويا. جڏهن ته 3 مسافرن کي نشتر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻئي فلائٽ ۾ 149  مسافر دبئي کان ملتان پهتا  جنهن  مان 62 مسافر قرنطينه مرڪز منتقل ڪيا ويا. ياد رهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون آهي جنهن سبب هوائي آپريشن به معطل آهي. اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي حڪومت طرفان مختلف ملڪن ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي پي آءِ اي جي خاص اڏامن جي ذريعي ملڪ واپس آندو پيو وڃي.