اسلام آباد جي ٻن ڊاڪٽرن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ

news

اسلام آباد: (اربع 29 اپريل 2020ع) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي 2 ڊاڪٽرن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

رپورٽ موجب  عالمي وبا ڪورونا وائرس مان ٻن ڊاڪٽرن جي متاثر ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي ڊاڪٽرن کي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب متاثر ڊاڪٽرن جا ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ جي لاءِ سيمپلز 27 اپريل تي ورتا ويا هئا.

ان حوالي سان ذريعن ٻڌايو آهي ته متاثر ڊاڪٽر اصل ۾ 27 اپريل تي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري ايندڙ ڊاڪٽر جا دوست آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 312 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪورونا جي مريضن جو انگ 14 هزار 612 تائين پهچي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 533 ڪيس ۽ يارنهن فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن.