ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگيون ٽي سئو ستاويهه ۽ گڏيل ڪيس چوڏنهن هزار اٺ سئو پنجاسي ٿي ويا

news

اسلام آباد: (اربع 29 اپريل 2020ع) اڄ هينئر تائين ڪورونا جا وڌيڪ  98 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو گڏيل انگ 327 ٿي ويو آهي. جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ گڏيل مريضن جو انگ 14885 تائين پهچي ويو آهي.

هينئر تائين سڀني کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه ۾ سامهون آيون آهن جتي ڪورونا سبب 114 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 92 ۽ پنجاب ۾ 100 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ان کان علاوه بلوچستان ۾ 14، ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 ڄڻا موذي وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن. 28 اپريل کان پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي 28 فوتگيون ٿيون آهن جيڪي ملڪ ۾  28 فيبروري تي پهريون ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ هينئر تائين هڪ ئي ڏينهن ۾ ٿيندڙ سڀني کان وڌيڪ فوتگيون هيون.

اڄ جي ڪيسن جي صورتحال:

اڄ اربع جي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 98 ڪيس سامهون آيا آهن جن مان اسلام آباد مان 36 ۽ بلوچستان ۾ هينئر تائين 62 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. اسلام آباد: وفاقي راڄڌاني ۾ اڄ ڪورونا  وائرس جا وڌيڪ 36 ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن. پورٽل موجب نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ اسلام آباد ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 287 ٿي ويو آهي. جڏهن ته شهر ۾ وائرس سبب هينئر تائين 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

بلوچستان:

بلوچستان ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 62 ڪيس سامهون آيا آهن جنهن جي تصديق صوبائي صحت کاتي جي طرفان ڪئي وئي آهي. صحت کاتي موجب صوبي ۾ ڪورونا جي متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 915 ٿي ويو آهي جڏهن ته وائرس سبب فوتين جو انگ 14 ٿي ويو آهي. صحت کاتي ٻڌايو آهي ته بلوچستان ۾ سڀني کان وڌيڪ 646 ڪيس ڪوئٽه مان رپورٽ ٿي چڪا آهن. صحت کاتي موجب بلوچستان ۾ هينئر تائين ڪورونا جا 177 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

سنڌ:

صوبي ۾ اڱاري تي ڪورونا جا وڌيڪ 335 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 7 فوتگيون به ٿيون آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪيسن ۽ فوتگين جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته صوبي ۾ نون ڪيسن کان پوءِ ڪورونا ۾ مبتلا مريضن جو انگ 5291 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هينئر تائين 82 ماڻهو فوت به ٿي چڪا آهن. صوبائي حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ  وهاب ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 38 مريض صحتياب ٿي پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 963 ٿي ويو آهي.

پنجاب:

پنجاب ۾ اڱاري تي ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 187 ڪيس سامهون آيا آهن ۽ 9 ڄڻا ڪورونا سبب فوت ٿي ويا. صوبائي ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) نون ڪيسن ۽ فوتين جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته صوبي ۾ ڪورونا جي مريضن جو ٽوٽل انگ 5827 ۽ فوتگيون 100 ٿي ويون آهن. پي ڊي ايم اي موجب 768 زائرين، 1925 رائيونڊ سان لاڳاپيل تبليغي ميمبر، 86 قيدي ۽ 2951 عام شهري ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. صوبي ۾ هينئر تائين ڪوانا جا 1510 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن.

خيبرپختونخواهه:

خيبرپختونخواهه ۾ اڱاري تي ڪورونا وائرس جا 176 نوان ڪيس ۽ 6 فوتگيون به سامهون آيون آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 2160 ۽ فوتگيون 114 ٿي ويون آهن. صوبائي صحت واري وزارت موجب پشاور ۾ 7، مردان ۾ 2 ۽ ايبٽ آباد ۾ هڪ شخص ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ هينئر تائين 562 ماڻهو ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي چڪا آهن.

گلگت بلتستان:

گلگت بلتستان ۾ اڱاري تي وڌيڪ 10 نون ڪيسن جي تصديق ٿي جنهن کان پوءِ متاثر ماڻهن جو انگ 330 ٿي ويو آهي. صحت کاتي موجب وڌيڪ 2 ڄڻن جي صحتياب ٿيڻ کان پوءِ هينئر تائين 224 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن. گلگت بلتستان ۾ هينئر تائين ڪورونا وائرس جا 3 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.

آزاد ڪشمير:

آزاد ڪشمير ۾ اڱاري تي ڪورونا جا وڌيڪ 6 ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن. پورٽل موجب آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جي ٽوٽل مريضن جو انگ 65 ٿي ويو آهي.