برطانيه ۾ ڪورونا مريضن جي نشاندهي ڪندڙ ايپ جي تياري

news

لنڊن: (اربع 29 اپريل 2020ع) برطانيه ۾ هاڻ مختلف فرمز خانگي ڪمپنين لاءِ اهڙي ايپ تيار ڪري رهيا آهن جنهن سان ملازمن ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪورونا وائرس جي وبا لڳي چڪي هوندي ته ان جي خبر پئجي سگهندي. 

ان کان اڳ آسٽريليا ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جي خبر لڳائيندڙ موبائل ايپ تيار ڪئي وئي هئي جنهن کي ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ لکين شهرين ڊائون لوڊ ڪيو هو. ميڊيا رپورٽ موجب هن ايپ جي استعمال سان سينٽي ميٽر جيترو پري وبا جي شڪار ورڪر جي باري ۾ آگاهي حاصل ٿي سگهندي  مرض ۾ مبتلا شخص جي نشاندهي کان پوءِ ان کي آئسوليٽ جي لاءِ چيو ويندو.

جڏهن ته وڪيلن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڪجهه پرائيويسي کي قربان ڪرڻ کان سواءِ ان جو استعمال مشڪل هوندو. واضح رهي ته ڪنٽيڪٽ ٽريسنگ نالي هن ايپ جي تياري به جاري آهي ۽ ڪاروباري ادارا ڪاروبار کولڻ کان اڳ وائرس جي پکيڙ کي ٽريڪ ڪرڻ لاءِ هن کي استعمال ڪرڻ چاهين ٿا.