ڀارتي فوج جي لائن آف ڪنٽرول تي چڙ ڏياريندڙ فائرنگ، لانس نائيڪ سميت ٽي ماڻهو شهيد

news

سيالڪوٽ: ڀارتي فوج هڪ دفعو ٻيهر لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي فائرنگ ڪئي جنهن سان پاڪ فوج جو لانس نائيڪ شهيد ٿي ويو.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي(آءِ ايس پي آر) موجب ڀارتي فوج هڪ دفعو ٻيهر سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي لائن آف ڪنٽرول جي ڪيلر ۽ رک چڪري سيڪٽرز ۾ چڙ ڏياريندڙ فائرنگ ڪئي، ڀارتي فوج پاڪ فوج جي چيڪ پوسٽن تي ڳردن هٿيارن سان فائرنگ ڪئي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب فوج جي چڙ ڏياريندڙ فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو لائنس نائيڪ شهيد ٿي ويو، 34 سالن جي لانس نائيڪ علي باز جو تعلق خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ سان هو.

ٻئي طرف ڀارتي فوج رک چڪري سيڪٽر ۾ سول آبادي کي به نشانو بڻايو، ڀارتي فوج جي چڙ ڏياريندڙ فائرنگ سان 16 سالن جي ڇوڪري ۽ 52 سالن جي عورت شهيد ٿي ويون جڏهن ته 10 سالن جو ٻار ۽ 55 سالن جي عورت زخمي ٿي پيا.

ترجمان موجب پاڪ فوج پاران ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي فوج کي جاني ۽ مالي نقصان جو منهن ڏسڻو پيو.