ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جي چوٿين،ٽيسٽ ۾ ستين ۽ ون ڊي ۾ ڇهين پوزيشن

news

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جي نئين سالياني رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.

سالياني ريڪنگ موجب ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ آسٽريليا 116 پوائنٽس سان پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي جڏهن ته نيوزيلينڊ ٻئين ۽ ڀارت ٻه درجا تنزلي کانپوءِ هاڻ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.

ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پاڪستان 86 پوائنٽس سان ستين نمبر تي آهي.

ٽي ٽوئنٽي جي سالياني رينڪنگ ۾ پاڪستان ٽيم پهرين پوزيشن برقرار نه رکي سگهي ۽ 260 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي موجود آهي.

ٽي ٽوئنٽي ۾ به آسٽريليا پهرين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي جڏهن ته انگلينڊ جو ٻيون ۽ ڀارت جو ٽيون نمبر آهي.

سالياني آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي پهرين پوزيشن برقرا آهي جڏهن ته ڀارت جي ٻين ۽ نيوزيلينڊ جي ٽين پوزيشن آهي.

ون ڊي رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي چوٿين پوزيشن برقرا آهي پاڪستان ڇهين نمبر تي آهي.