نوابشاھه ۾ پهرين مئي تي مزدورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي

news

نوابشاھه: پهرين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان نوابشاھه پريس ڪلب ٻاهران هوم بيس وومين ورڪر فيڊريشن ۽ مزدور اتحاد نوابشاھه پاران هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سماجي وٿي کي برقرار رکندي ڪوثر نساء، حميده، شهناز، محمد خان، فرزانه، عبدالرحمان، جڏهن ته مزدور اتحاد نوابشاھه جي صدر حنيف لاکو، انور چانڊيو، اعجاز شيخ، وزير رند ۽ ٻين ريلي ڪڍي.

انهيءَ موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان شڪاگو جي شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪرڻ لاءِ آيا آهيون ۽ اڄ مزدورن جو 134 عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون.

هنن چيو ته هاڻ به ساڳي صورتحال آهي ۽ مزدورن کي ڪو به رليف نٿو ڏنو وڃي، هنن چيو ته اڄوڪو ڏهاڙو ڪرونا جي وبا ۾ ملهائي رهيا آهيون ۽ اڄ جي صورتحال جو علمناڪ پاسو اهو به آهي ته جتي وبائي بحران بني نوح انسان جي بقاء کي خطرو لاحق ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي انهن مان بچي نڪرن ٿا ۽ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته پوءِ به هڪ وڏو اقتصادي بحران اڳيان بيٺو آهي ۽ هتي مزدورن کي راشن ڏيڻ بدران من پسند ماڻهن کي راشن ڏنو پيو وڃي جيڪو سراسر ظلم آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته هن ڏکي وقت ۾ مزدورن جي پرگهور لڌي وڃي ته جيئن اهي ۽ سندن ٻچا ماني ڳڀو کائي سگهن.