بلوچستان: ٻه ڊسپينسر ڀائر ڪورونا سبب فوت، ڊاڪٽرن سميت ستانوي هيلٿ ورڪر وائرس مان متاثر

news

ڪوئٽه: (ڇنڇر 02 مئي 2020ع)  بلوچستان ۾ 59 ڊاڪٽرن سميت 97 هيلٿ ورڪر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. جڏهن ته سول اسپتال جا 2 ڊسپينسر ڀائر ڪورونا سبب فوت ٿي ويا. 

صحت بابت قومي وزارت جي انگن اکرن موجب 30 اپريل تائين بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 59 ڊاڪٽرن، 04 نرسن ۽ 34 صحت وارو عملو متاثر ٿي چڪو آهي. جن مان 87 کي گهرن ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 10 اهلڪار ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي ويا آهن.

انگن اکرن موجب هينئر تائين ڪورنا  وائرس  سبب صوبي ۾ 2 هيلٿ ورڪر فوت ٿي ويا آهن. هوڏانهن بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس  سبب هڪ ٻيو هيلٿ ورڪر فوت ٿي ويو. جڏهن ته سول اسپتال ڪوئٽه جي  حادثن واري شعبي جو سينئر ڊسپينسر منور خان ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو. 

ڪوئٽه جي سول اسپتال جي ترجمان موجب حادثن واري شعبي جو سينئر ڊسپينسر حاجي منور خان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورونا ۾ مبتلا ٿيو جيڪو علاج هيٺ هو پر هو صحتياب نه ٿي سگهيو.

ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ ان جو ڀاءُ سينئر ڊسپينسر سول اسپتال دلاور خان به ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو هو.

اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر فضل الرحمان بگٽي ۽ ڊي ايم ايس ڊاڪٽر جاويد اختر پاران حاجي منور جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.