ٽنڊو محمد خان جي احساس سينٽر تي سپاهي جي تذليل، انصاف جي اپيل

news

ٽنڊو محمد خان(رپورٽ:ذوالفقار چانڊيو)ٽنڊو محمد خان جي احساس ڪفالت پروگرام تي ڊيوٽي تي موجود پوليس اي ايس آءِ پنهنجي هڪ سپاهي جان شير ڳنڀير کي پنهنجي ڀاءُ خالد ڳنڀير کي قطار ۾ بيهارڻ تان مڇرجي سپاهي کي مارڪٽ ڪندي سندس تذليل ڪئي.

 کيس سينٽر مان اهو چئي ٻار ڪڍي ڇڏيو ته تو پنهنجي وردي جو ناجائز فائدو ورتو آهي، جنهن ۾ سپاهي پنهنجي اي ايس آءِ جي مبينه غلط رويي خلاف دانهيندي ٻڌايو ته مون پنهنجي ڀاءُ کي قطار کان اڳتي نه وڌايو هو صرف کيس قطار ۾ بيهاريو ته منهنجي اي ايس آءِ نالي علي خان نوناري تذليل ڪندي مارڪٽ ڪئي آهي.

 هن واقعي بابت پنهنجي بالا عملدارن کي پڻ لکت ۾ انصاف جي اپيل ڪئي آهي.