اتر ڪوريا جو اڳواڻ ڪم جونگ ان عوام جي سامهون اچي ويو

news

اتر ڪوريا: (ڇنڇر 02 مئي 2020ع) اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان عوام جي سامهون اچي ويو جنهن کان پوءِ ان جي صحت ۽ فوتگي جي حوالي سان هلندڙ سموريون اڳڪٿيون ختم ٿي ويون آهن.

ڏکڻ ڪوريا جون خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ڪم جونگ ان 3 هفتن ۾ پهريون ڀيرو عوام جي سامهون آيو ۽  هن ڀاڻ واري فيڪٽري جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ڪورين ايجنسي موجب ڪم جونگ ان جمعي جي ڏينهن تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي ڪم کي ڏسي شرڪت ڪندڙ خوشي سان جهمي اٿيا.

ياد رهي ته ڪم جونگ ان 11 اپريل تي ٿيندڙ پارٽي اجلاس کان پوءِ منظرعام تان غائب هو جنهن سبب ان جي خراب صحت ۽ ان جي فوتگي بابت مختلف خبرون سامهون اچي رهيون هيون جيڪي هاڻ ختم ٿي چڪيون آهن.