ايبولا جي دوا هنگامي طور تي ڪورونا جي علاج لاءِ استعمال ڪرڻ جي منظوري

news

واشنگٽن: (ڇنڇر 02 مئي 2020ع)  آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن اٿارٽي(ايف ڊي اي) ايبولا جي دوا ريمڊيسوير کي ڪورونا جي علاج لاءِ هنگامي بنيادن تي استعمال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ايف ڊي اي طرفان اجازت ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته اينٽي وائرل جو استعمال هينئر تائين ان ماڻهن تي ڪيو ويو آهي جيڪي ڪورونا سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻڌايو ته ايف ڊي اي ڪورونا جي مريضن جي علاج جي لاءِ ريمڊيسوير جي هنگامي طور تي استعمال جي منظوري ڏني آهي. ايف ڊي اي دوا جي منظوري کي اسپتالن ۾ علاج هيٺ مريضن جي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو آهي.

آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ اينڊمنسٽريشن جي اڳوڻي ڪمشنر اسڪاٽ ڪوٽليب خبردار ڪيو آهي ته ريمڊيسوير گهر تي ڪورونا جي علاج جي لاءِ استعمال نٿي ڪري سگهجي. ايف ڊي اي موجب هي دوا صرف ڪورونا جون نشانيون ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

ٻئي طرف آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس چيو آهي ته  سومر کان اسپتالن ۾ ريمڊيسوير جون 10 لک دوائون ورهايون وينديون.