ڪورونا وائرس: اسپين ۽ جرمني لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

جرمني: (آچر 03 مئي 2020ع)   ڪورونا وائرس جي شڪار ملڪن اسپين ۽ جرمني لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب اسپين ۾ لاڪ ڊائون ۾ مشروط نرمي جو اعلان ڪيو ويو آهي. حڪومت پاران ڪيل اعلان موجب پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ماڻهن جو ماسڪ پائڻ لازمي هوندو. جڏهن ته حڪومت شهرين ۾ مفت ماسڪ ورهائيندي. حڪومت طرفان پبلڪ ٽرانسپورٽ انتظاميه کي 60 لک ماسڪ ڏنا ويندا. ۽ اضافي 70 لک ماسڪ مقامي انتظاميه ۾ ورهايا ويندا.

جرمني طرفان به پنهنج صوبي زاڪسن ان  بانٽ ۾ لاڪ ڊائون دوران نرمي ڪئي وئي ۽ زاڪسن ان بائٽ ۾ هاڻ 5 ماڻهن کي گڏ ٿيڻ جي اجازت هوندي. جرمن اختيارين موجب صوبي راڪسن ان بانٽ ۾  هينئر تائين هڪ هزار 577 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن جڏهن ته هن صوبي ۾ 33 ماڻهو ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن. زارلانڊ صوبي جي حڪومت 800 اسڪوائر ميٽر جي پابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ 20 اسڪوائر ميٽر جي حساب سان دڪان ۽ ڪاروبار ٻيهر کولڻ جي اجازت هوندي.

واضح رهي ته هن وقت دنيا  ۾ ڪورونا وائرس جا حملا جاري آهن ۽ هينئر تائين سڄي دنيا ۾ 2 لک 44 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 34 لک 84 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا جي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. سڄي دنيا ۾ ڪورونا سبب متاثر ماڻهن مان 11 لک 21 هزار کان وڌيڪ صحتياب ٿي چڪا آهن.

اسپين ۾ ڪورونا سبب هينئر تائين فوت ٿي ويلن ماڻهن جو انگ 20 هزار 100 ٿي ويو آهي ۽ متاثر ماڻهن جو انگ 2 لک 34 هزار کان وڌيڪ آهي.  جرمني ۾ به ڪورونا سبب فوتگين جو سلسلو جاري آهي. هينئر تائين ٿيندڙ فوتين جو انگ 5 هزار 800 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته ڪورونا جي مريضن جو انگ 1 لک 64 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.