ڀارتي عدالت بڪي سنجيو چاوله کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

news

نئين دهلي: (آچر 03 مئي 2020ع) دهلي جي هڪ عدالت بڪي سنجيو چاوله کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

خاص جج اشوتوش 2 لک روپين جي مچلڪن عيوض چاوله کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته هو 76 ڏينهن کان گرفتار آهي جاچ به مڪمل ٿي چڪي آهي ان ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ٿو.

ياد رهي ته پوليس وڏي ڪوششن کان پوءِ چاوله کي  فيبروري دوران لنڊن مان ڀارت وٺي آئي هئي. جڏهن ته دهلي هاءِ ڪورٽ پوليس وارن کي ٻئي حڪم اچڻ تائين چاوله کي لاڪپ ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو هو.

واضح رهي ته سنجيو چاوله ڪرڪيٽ جي ڪجهه وڏن اسڪينڊلز ۾ ملوث آهي جنهن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي  اڳوڻي ڪپتان هنسي ڪرونئي جو فڪسنگ اسڪينڊل به شامل آهي.