نرسن پاران ڪورونا وائرس جي علامتي جنازو ڪڍڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

news

لاهور: (آچر 03 مئي 2020ع) چين مان جنم وٺندڙ ڪورونا وائرس سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو آهي پر ان دوران ڪجهه ايندڙ خبرن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.

اهڙي طرح هڪ خبر اها به سامهون آئي آهي ته ڪورونا وائرس جي خلاف وڙهندڙ نرسن جي احمڪاڻي قدم سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نئون محاذ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب مختصر وڊيو شيئر موبائيل ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ تي اهڙي انوکي وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ نرسن ڪورونا وائرس جو علامتي جنازو ڪڍيو ۽ ان سان گڏ ئي ڊانس به ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نرسن جي سڃاڻپ واضح نه ٿي سگهي ۽ نه ئي خبر پئجي سگهي آهي ته مذڪوره وڊيو ڪهڙي اسپتال ۾ شوٽ ٿي پر سوشل ميڊيا تي صارفين طرفاب نرسن کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي.

البته ڪيترن ئي صارفين نرسن جي حمايت به ڪئي ان جو چوڻ هو ته هن قدم جي ذريعي اسپتال جو عملو اهو واضح ڪرڻ چاهي ٿو ته وبائي مرض کي شڪست  ڏني وئي آهي هي حوصلو بهتر عمل آهي. جڏهن ته سوين ماڻهن جو خيال آهي ته امڪاني طور تي ڪورونا وائرس جي مريض جي ميت ٿي سگهي ٿي جنهن جو مذاق اڏايو پيو وڃي. صارفين ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نرسن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.