بدين گولاڙچي روڊ تي حادثو، انڊس اسپتال جو روزيدار ملازم فوت

news

بدين(رپورٽ:تنوير احمد آرائين) بدين جي وارڊ 1 باغ محلا جو رهواسي ۽ انڊس اسپتال بدين جو آئي انچاج عمران سهتو ۽ ٽيڪنيشن شهباز پٽ اقبال مغل گولاڙچي روڊ ڊي پي او چوڪ لڳ ڪتي کي بچائيندي سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين کي انڊس اسپتال بدين داخل ڪيو ويو جنهن مان 25 سالن جو شهباز مغل دماغ ۾ ڳجهن ڌڪن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ان سلسلي ۾ اهو پڻ معلوم ٿيل آهي ته فوتي شهباز مغل روزي سان هو .