دادلغاري ۾ پيٽرول جو اگهه وڌيڪ وٺڻ جي خبر تي صحافي تشدد جو شڪار

news

دادلغاري( رپورٽ: اياز احمد پتافي )دادلغاري م پيٽرول پمپ تي وڌيڪ اگھ ۾ وڪرو ٿيڻ جي ڪوريج تي صحافي عبدالحنان لغاري ء باقر پتافي جو پمپ مالڪن پاران ٻه ڪلاڪ يرغمال ڪري تشدد جو نشانو بڻايو. 


دادلغاري ويجھو ڳوٺ دلاور لغاري م وڌيڪ اگھ وٺندڙ پيٽرول پمپ جي ڪوريج ڪرڻ تي پمپ مالڪن صحافين باقر پتافي ۽ عبدالحنان لغاري کي يرغمال ڪري تشدد جو نشانو بڻايو جنھن بعد دادلغاري پوليس کي اطلاع ڪرڻ بعد سندس دادلغاري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي يرغمال بڻيل صحافين کي آزاد ڪرايو.

 دادلغاري پوليس چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته دادلغاري پوليس مک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام آھي.