وينزويلا جي صدر جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام، اٺ حملي آور مارجي ويا

news

وينزويلا: (سومر 04  مئي 2020ع) وينزويلا ۾ سمنڊ مان دراندازي ڪري صدر نڪولس مادورو کي معزول ڪرڻ جي لاءِ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪندڙ 8 مبينه حملي آورن کي ماري ڇڏيو.

وينزويلا جي گهرو وزير نيسٽر ريوريول ٻڌايو ته ڪولمبيا ۾ جوڙيل گروپ تيز رفتار ٻيڙين جي ذريعي گادي واري شهر ڪاراڪاس کان تقريبن هڪ ڪلاڪ جي سفر تي واقع ميڪوٽو جي سامونڊي ڪناري تي لهڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي فوج ۽ خاص ڪري پوليس يونٽن جي ذريعي ناڪام بنايو ويو.

نيسٽر ريورول ٻڌايو ته هن ڪارروائي جي دوران 8 حملي آور مارجي ويا. جڏهن ته ڪيترن ئي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. حملي آورن جي باقيات جي لاءِ هوائي، سامونڊي ۽ زميني سرچ آپريشن جاري آهي.