نئون ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ فقير محمد ٽنگڙي ۾ ڇھ سالن جي نينگري ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

news

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ فقير محمد ٽنگڙي ۾ پنهنجي پيءُ محمد اسحاق ٽنگڙي سان گڏ  ٻني ۾ مرچن جو رنبو ڪري گهر موٽندڙ ڇھ سالن جي نياڻي شبانه ٽنگڙي بجلي جي تار مان ڪرنٽ  لڳڻ سبب فوت ٿي وئي.

جڏهن ته ڇوڪري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

هوڏانهن اطلاع ملڻ تي نئون ڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڇوڪري شبانه جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ رورل هيلٿ سينٽر نئون ڪوٽ آندو جنهن بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

ڇوڪري جي پيءُ محمد اسحاق ٽنگڙي ٻڌايو ته منهنجي نياڻي شبانه مون سان گڏ ٻني ۾ مرچن جو رنبو ڪري واپس گهر وڃي رهي هئي ته ٻني ڀرسان ڳوٺ لقمان ٽنگڙي ڏانهن ويندڙ بجلي جي لٽڪيل تار تي هٿ رکڻ سان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي آھي.