ميرپور ماٿيلو ڀرسان ڳوٺ محمد بخش ملڪ ۾ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻه ڄڻا زخمي

news

ميرپور ماٿيلو: ڳوٺ محمد بخش ملڪ ۾ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سگاوتي تڪرار تان جهيڙو، هڪ ڌر پاران ٻي ڌر مٿان حملو، ڇريون لڳڻ سبب 2 ڄڻا زخمي.

خبر موجب ڳوٺ محمد بخش ملڪ ۾ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڌر پاران ٻي ڌر مٿان حملو ڪري ڏنو، جڏهن ته ڇريون لڳڻ ڪري شاهه محمد لاشاري، عبدالماڪ لاشاري کي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته زخمين کي ميرپورماٿيلو اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.