ميرپورماٿيلو۾ نئون روڊ لڳ نيشنل هائي وي تي موٽر سائيڪل ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

news

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ:هادي بخش جلباڻي) ميرپورماٿيلو ويجھو نئون روڊ لڳ نيشنل ھاءوي تي موٽرسائيڪل ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ مٺو مھر جو رھواسي موٽر سائيڪل سوار 22 سالا موج علي پٽ حاجي مصري سولنگي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جنهن جو مڙھ ميرپور ماٿيلو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ آندو ويو.

 هوڏانهن وارثن کي اطلاع ڏنو ويو وارث پهچي نوجوان جو لاش ڳوٺ کڻائي ويا.