نوابشاهه ۾ نادرا آفيس ٻاهران عورتن جو هجوم، وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي ايس او پيز تي عمل نه ٿيو

news

نوابشاهه: سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪڻ لاءِ لڳايل لاڪ ڊائون کي 44 ڏينهن گذري ويا، جڏهن ته لاڪ ڊائون هجڻ جي ڪري غريب،  مزدور ۽ خاص طور تي عورت طبقو بيروزگار هجڻ جي ڪري سخت پريشان ٿي ويو آهي.

جڏهن ته نوابشاهه ۾ نادرا انتظاميه پاران وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي ايس او پيز تحت آفيسون کولڻ واري اعلان کي ٿُڏي ڇڏيو، اڄ ٻئي ڏينهن به صبح ٿيندي ئي نوابشاهه جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ عورتون سماجي وٿيءَ کي نظرانداز ڪري هجوم جي صورت ۾ نادرا آفيس پهچي ويون.

جڏهن ضلعي انتظاميه پاران راشن ۽ احساس ڪفالت جا پئسا نه ملڻ خلاف نوابشاهه جي علائقي گپچاڻي سان تعلق رکندڙ مري برادري جي عورتن مسمات فرضي، سياڻي، گنج بيبي، نور خاتون ۽ ٻين نوابشاهه پريس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته اسان 38هون ڏينهن آهي اسان کي نه راشن مليو آهي ۽ نه ئي احساس ڪفالت جا پئسا مليا آهن، جيڪا اسان سان ناانصافي آهي.

هنن چيو ته اسان زمينن تي پورهيو ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪنديون آهيون پر زميندار هاڻي اهو به بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ بيروزگاري جي ڪري اسان سخت پريشان آهيون، هنن چيو ته اسان کي احساس ڪفالت جي سينٽرن تي رُلايو وڃي ٿو ۽ جڏهن اسان نادرا آفيس ۾ اچون ٿا ته اسان کي آفيس ۾ اندر اچڻ نٿو ڏنو وڃي.

هنن چيو ته نادرا ۾ من پسند ماڻهن کي اندر ڇڏيو وڃي ٿو جڏهن ته اسان کي ٻاهر گرمي ۾ بيهاريو وڃي ٿو.

ان موقعي تي عورتن وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي راشن ۽ احساس ڪفالت جا پئسا ڏئي اسان کي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.