ڪورونا سبب متاثر ٽينس رانديگرن لاءِ سٺ لک ڊالرن جي رقم رکي وئي

news

لنڊن: (اربع 06 مئي 2020ع) ڪورونا وائرس سبب معطل سرگرمين مان متاثر ٽينس رانديگرن جي مالي مدد جي لاءِ ٽينس سان گڏ مختلف تنظيمن 60 لک ڊالر يعني تقريبن 96 ڪروڙ پاڪستاني روپين جو فنڊ مقرر ڪيو آهي جنهن مان 800 جي لڳ ڀڳ رانديگرن جي مدد ڪئي ويندي.

پروفيشنل ٽينس جي تنظيم اي ٽي پي طرفان جاري ڪيل بيان موجب اي ٽي پي، ڊبليو ٽي اي، آءِ ٽي ايف ۽ چئني گرينڊ سلامز(ومبلڊن، آسٽريلين اوپن، يو ايس اوپن ۽ فرنچ اوپن) منعقد ڪندڙ تنظيمن طرفان گڏيل طور تي فنڊ مقرر ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مالي مسئلن جي شڪار رانديگرن جي مدد ڪئي ويندي.

اي ٽي پي موجب 13 جولاءِ تائين سرڪٽ جا سمورا ٽورنامنٽ معطل رهندا جنهن سبب ڪيترائي رانديگر پنهنجي امڪاني آمدني کان محروم ٿي ويندا ان ڪري ان رانديگرن کي امداد ڪرڻ ضروري آهي.  رانديگرن کي فنڊن جي فراهمي اي ٽي پي ۽ ڊبليو ٽي اي جي ذميواري هوندي جيڪي رانديگرن جي رينڪنگ ۽ ان جي گذريل ڪجهه هفتن جي دوران کٽيندڙ انعام جي بنياد تي طئي ڪيل معيار تحت رقم جاري ڪندا.

پروفيشنل باڊي اي ٽي پي موجب سمورين ست تنظيمن طرفان فنڊن ۾ حصو وڌو ويو آهي ان کان علاوه مختلف چيريٽي اينوٽس ۽ رانديگرن جي سامان جي نيلامي مان به وڌيڪ فنڊ گڏ  ڪيا ويندا.. جنهن سان امداد جو دائرو وسيع ڪري سگهجي ٿو. فنڊن جي فراهمي جي لاءِ اي ٽي پي ۽ ڊبليو ٽي اي طرفان گڏيل طور تي 80 امڪاني رانديگرن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.