والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري، وڌيڪ ٻه ڪشميري نوجوان شهيد

news

سري نگر: (اربع 06 مئي 2020ع) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي جنهن جي دوران وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب جنت نظير وادي ڪشمير ۾ رمضان جي مهيني دوران به قابض ڀارتي فوج جي جنونيت ۾ گهٽتائي واقع ناهي ٿي. بنيادي انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون پيون وڃن ۽ مذهبي آزادي کان به روڪيو پيو وڃي.

قابض ڀارتي فوج ضلعي پلوامه ۾ نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوانن کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو. سرچ آپريشن جي دوران اچڻ ۽ وڃڻ وارن رستن کي بند ڪيو ويو ۽ گهر گهر تلاشي جي دوران چادر ۽ چارديواري جي تقدس کي به پامال ڪيو ويو.