پنوعاقل ڀرسان ٽن ٻـارڙن جي ماءُ کي مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ جي ڪوشش، احتجاج

news

پنوعاقل: پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ احسان شر ۾ جوابدارن ٽن ٻـارڙن جي ماءُ مسمات قدرت زال ماستر شر کي مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته عورت جان بچائي پنوعاقل ٿاڻي تي تحفظ لاءِ پھچي وئي.

جڏھن ته جوابدار واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ متاثر عورت پنھنجي ماءُ مسمات شمع ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ پريس ڪلب پھتي.

ان موقعي تي هن احتجاج ڪندي چيو تہ سندس سھرو مجيد شر ۽ ڏير سجاول، بشير، ياسين، جبار شر ۽ ٻين کيس بيگناهه ڪارنھن جو الزام مڙھي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ھن پنھنجي جان بچائي اتان ڀڄي پنوعاقل ٿاڻي تي تحفظ ورتو، جتي پوليس سندس فرياد داخل ڪري ورتي آھي.

متاثر عورت ميڊيا کي دانھيندي ٻڌايو تہ سندس جان کي خطرو آھي ۽ ھن جا ساھرا ڳوٺ صالح مھر جا رھواسي آھن ۽ ھوءَ پنھنجي مڙس کي ڇڏي پنوعاقل ۾ پنھنجي ڀاءُ جي گھر ترسيل آھي، جتي سندس سُھري ۽ ڏيرن گڏجي گھر تي حملو ڪري کيس ٻارڙن سميت قتل جي ڪوشش ڪئي آھي.

مسمات قدرت شر ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر سميت وس وارن کي اپيل ڪئي تہ کيس تحفظ ڏئي جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ٻئي طرف ايس ايڇ او پنوعاقل ذوالفقار چاچڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت جي فرياد داخل ڪري ورتي آھي، جڏھن تہ جوابدارن جي گرفتاري لاء پوليس پارٽي پڻ ڳوٺ صالح مھر ڏانھن اماڻي ڇڏي آھي، جلد جوابدار گرفتار  ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويندو.