مدئجي ويجهو موٽر سائيڪل ڳئون سان ٽڪرائجڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

news

مدئجي: مدئجي ويجهو ڳاهيجا بس اسٽاپ ڀرسان سکر لاڙڪاڻو روڊ تي موٽر سائيڪل  ڳئون سان ٽڪرائجڻ سبب موٽرسائيڪل سوار ٻه نوجوان گاڏي سميت ڪرڻ جي نتيجي ۾ شڪارپور جي سينيئر صحافي ذوالفقار مگسي جو نوجوان ڀاءُ غلام قادر مگسي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته حسيب قريشي سخت زخمي ٿي پيو.

فوتي نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي ڳوٺاڻن ۽ ڳاهيجا پوليس کڻائي تعلقه اسپتال مدئجي پهچايو، جتي زخمي کي طبي امداد ڏني وئي.

ان سلسلي ۾ زخمي نوجوان ٻڌايو ته ٻئي ڄڻا دوائن جي ڪمپني ۾ ڪم ڪندا آهيون، اڄ معمول موجب مدئجي ۾ دوائون ڏيڻ بعد واپس شڪارپور وڃي رهيا هئاسين ته ڳاهيجا سامهون اوچتو ڳئون جي ڀڄڻ سبب ٽڪرائجي وئي، جنهن ۾ غلام قادر مگسي فوت ۽ مان زخمي ٿيو آهيان، جڏهن ته حادثي جو ڪارڻ ڳئون پڻ مري وئي آهي.

هوڏانهن اطلاع تي فوتي نوجوان جا وارث ماتم ڪندا تعلقي اسپتال پهتا، جتي ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي شڪارپور کڻائي ويا، جيڪو گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو.

جڏهن ته واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ٿي ناهي سگهيو.

ٻئي طرف مدئجي جي قلم ڌڻين وحيد جوکيو، آغا عبدالنبي، سورهيه ميراڻي, ڪاشف ميمڻ، پرويز جوکيو، معظم ڀٽو، نويد دل، اياز سومرو ۽ ٻين صحافي ذوالفقار مگسي سان ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو.