news
نوابشاھ

نوابشاهه جي ٽراما سينٽر ۾ زخمي پٽ کي پيءُ هنج ۾ کڻي علاج لاءِ ڊوڙندو رهيو، ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف غائب

نوابشاهه: قاضي احمد شهر ۾ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل معصوم شام لال کي سندس والد پرڪاش ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽراما سينٽر آندو، جتي ڪو به ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف موجود نه هئو ۽ سندس والد پنهنجي زخمي معصوم نينگر کي اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ گهمندو رهيو.

هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ننڍڙي کي روڊ حادثي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب رت تيزي سان وهي رهيو آهي.

هن چيو ته قاضي احمد اسپتال وارن مون کي پي ايم يو اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو آهي.