خيبرپختونخواهه جو هائوسنگ وارو وزير ڊاڪٽر امجد علي ڪورونا جو شڪار

news

پشاور: (خميس 07  مئي 2020ع) خيبرپختونخواهه جو هائوسنگ واو وزير ڊاڪٽر امجد علي ڪورونا جو شڪار ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر امجد علي جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آيو آهي جنهن کان پوءِ هن پاڻ کي گهر ۾ ئي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

ڊاڪٽر امجد علي جو چوڻ آهي ته کنگهه، بخار کان پوءِ ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو جيڪو هاڪاري آيو. قوم صحتيابي جي لاءِ دعا ڪري.

ياد رهي ته خيبرپختونخواهه جي ڪابينه ۾ ڪامران بنگش به ڪورونا جو شڪار ٿيو هو. ٻئي طرف فاٽا جي سينيٽر جو ڪورونا ٽيسٽ به ٻيهر پازيٽو اچي ويو آهي.

سينيٽ جي قائمه ڪميٽي ۾ واپار جي چيئرمين سينيٽر  مرزا آفريدي جو ڪورونا ٽيسٽ ٻيهر پازيٽو اچي ويو. سينيٽر مرزا آفريدي جو 27 اپريل تي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو هو جنهن کان پوءِ هن ٻيهر ٽيسٽ ڪرايو آهي. هن گذريل 11 ڏينهن کان پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.