مبارڪپور آباد لنڪ روڊ تي حادثو هڪ نوجوان فوت، هڪ سخت زخمي

news

مبارڪپور(رپورٽ: مهر قربان علي ) مبارڪپور (رپورٽ مهر قربان علي ) مبارڪپور آباد لنڪ روڊ تي حادثو هڪ نوجوان فوت، هڪ سخت زخمي، فوتي جي گهر ۾ ڪهرام متل، زخمي کي جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو

  مبارڪپور - آباد لنڪ روڊ تي چگچي رڪشہ اوچتو ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ گل حسن ڪٽو جا رهواسي 16 ورهين  جو واحد بخش پٽ مهراب ڪٽو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو ۽ عبدالستار ڪٽو سخت زخمي ٿي پيو.

 فوتي جي گهر ۾ ڪهرام متل هو جڏهن تہ زخمي کي  جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو.