ماءُ ڪورونا ۾ مبتلا، تازي ڄاول ٻار جي سارسنڀال واري ذميواري استادياڻي سنڀالي ورتي

news

واشنگٽن: (خميس 07 مئي 2020ع) آمريڪا ۾ عورت اسڪول ٽيچر پنهنجي شاگرد جي ڪورونا ۾ مبتلا والده جي مدد ڪري رحمدلي جي بهترين مثال قائم ڪري ڇڏي. 

رپورٽ موجب آمريڪي رياست ڪينڪٽي ڪٽ جي هڪ اسڪول ٽيچر ليرا پنهنجي شاگرد جي ڪورونا جي مريض والده زولي جي تازي ڄاول ٻار  جي سار سنڀال ڪري رهي آهي.

تازو ڄاول ٻار هڪ مهيني جو هجڻ جي باوجود اڃان تائين پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي هنج ۾ ناهي وڃي سگهيو ڇو ته نيسل جي پيدائش کان اڳ سندس پيءُ ڪورونا سبب متاثر ٿيو هو ۽ والده زولي جو به ويم دوران ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويو هو.

اهڙي صورتحال ۾ ڊاڪٽرن فوري طور تي آپريشن جي ذريعي عورت جي ڊيليوري  ڪئي پر نيسل جي پيدائش کان اڳ زولي عورت ٽيچر کي فون ڪري ان کان مدد گهري ۽ پنهنجي پيدا ٿيندڙ ٻار جو خيال رکڻ جي لاءِ چيو.

هڪ مهيني جي معصوم نيسل والده جي بجاءِ اسڪول ٽيچر ليرا ۽ ان جي 7 ساله پٽ سان گڏ رهندو آهي ليرا معصوم نيسل جي بالڪل پنهنجي پٽ جيان سار سنڀال ڪري رهي آهي جنهن تي هن انتهائي خوشي جو به اظهار ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي آهي ته جلد ئي نيسل پنهنجي ماءُ، پيءُ ۽ وڏي ڀاءُ سان ملندو.