لنڊن: (خميس 07 مئي 2020ع) ٽينس اسٽار اعصام الحق به ڊريم پيئر مهم ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ هن ٽينس اسٽار راجر فيڊر سان گڏ جوڙي ٺاهي آندري اگاسي ۽ رافيل نڊال جي خلاف کيڏڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سوشل ميڊيا تي جاري ڊريم پيئر مهم هاڻ ٻين راندين جي قومي رانديگرن کي به پنهنجي سحر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي ڪپتان قومي هاڪي ٽيم کان پوءِ مشهور ٽينس اسٽار اعصام الحق قريشي به پنهنجي راند جا ڊريم پيئرز چونڊيا ويا آهن.
اعصام الحق اي ٽي پي ٽور رينڪنگ ۾ چوٿين نمبر تي موجود سوئٽزرلينڊ جي راجر فيڊر سان گڏ ڪورٽ شيئر ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
هن چيو ته مان راجر فيڊر کي پاڻ سان گڏ ڊريم پيئر ۾ چونڊي مشهور اڳوڻي ٽينس اسٽار آندري آگاسي ۽ موجوده رينڪنگ ۾ ٻئين نمبر تي اسپين جي اسٽار رافيل نڊال جي جوڙي جي خلاف ميدان ۾ لهڻ چاهيندس.
ياد رهي ته ان کان اڳ وسيم اڪرم، شعيب اختر، نوجوان پيسر نسيم شاهه جڏهن ته سعيد اجمل، مرحوم عبدالقادر کي چونڊي ڊريم پيئر مهم ۾ شامل ٿي ويا آهن.