آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد جي طالبان اڳواڻ ملا عبدالغني سان ملاقات

news

دوحه: (خميس 07 مئي 2020ع) آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد افغان طالبان جي نائب سربراهه ملا عبدالغني برادر سان ملاقات ڪئي.

آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد افغان امن عمل جي ڪوششن جي سلسلي ۾ طالبان اڳواڻن سان ڳالهين جي لاءِ قطر پهچي ويو آهي.

افغان خبرون ڏيندڙ اداري موجب طالبان جي ترجمان سهيل شاهين ٻڌايو ته افغانستان جي لاءِ آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد اربع تي افغان طالبان جي نائب سربراهه ملا عبدالغني برادر سان قطر ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قيدين جي آزادي، انٽرا افغان ڳالهيون ۽ آمريڪا طالبان امن معاهدي تي ڳالهيون ڪيون  ويون.

افغان ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي اربع تي جاري بيان ۾ ٻڌايو هو ته زلمي خليل زاد 5 مئي تي دوحه، نئين دهلي ۽ اسلام آباد جي دوري جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي.  آمريڪي پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته زلمي خليل زاد طالبان جي نمائندن سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ هو آمريڪا طالبان معاهدي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهندو.

جڏهن ته هو نئين دهلي ۾ ڀارتي اختيارين سان به ملاقات ڪندو جنهن ۾ افغانستان ۽ خطي ۾ مستحڪم امن جي لاءِ ڀارت جي ڪردار جي اهميت تي ڳالهيون ڪيون وينديون. ان کان علاوه زلمي خليل زاد اسلام آباد ۾ پاڪستاني اختيارين سان ملاقات ۾ افغان امن عمل جي سلسلي ۾ ڳالهيون ڪندو.