صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ چولستاتي فنڪار ڪرشن لال ديهانت ڪري ويو

news

رحيم يارخان: (خميس 07 مئي 2020ع) صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ چولستاتي فنڪار ڪرشن لال بهيل 3 مهينا بيمار رهڻ کان پوءِ ديهانت ڪري ويو.

رپورٽ موجب ڪرشن لال بهيل 3 مهينن کان بيمار هو ۽ نهايت مفلسي واري زندگي گذاري رهيو هو. ڪرشن لال بهيل پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو هو.

هن کي دنيا جي 10 زبانن تي عبور حاصل  هو. ڪرشن لال بهيل جي شاگرد جميل لال بهيل جو چوڻ آهي ته ڪرشن لال بهيل غربت جي جنگ وڙهندي وڙهندي ديهانت ڪري ويو  پر ڪنهن به حڪومتي نمائندي طرفان تعاون نه ڪيو ويو ايستائين جو هن جي ڪنهن به نمائندي عيادت به ناهي ڪئي.