news
نوابشاھ

نوابشاهه ۾ پٽ جي گمشدگي خلاف ماءُ ۽ پيءُ جو احتجاج، ڳولا ۾ مدد جي اپيل

نوابشاهه: نوابشاھه جي تاج ڪالوني جي رهواسڻ  پيرسن عورت مسمات نسرين پنهنجي مڙس محمد حاڪم علي سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ۾ ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته منهنجو پٽ محمد الياس جنهن جي عمر 13 سال آهي، جيڪو گذريل را ت 3 بجي گهران نڪري گم ٿي ويو آهي.

هن چيو ته منهنجو پٽ ڪجهه ڏينهن کان پريشان هو ليڪن گهر ۾ اهڙو ڪو به مسئلو نه هو، هن چيو ته اسان اي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي  داخل ڪرائي آهي ۽ اسان سخت پريشان آهيون.

هن مطالبو ڪيو ته منهنجي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.