ٽنڊو ڄام: ڀلوڙ شاعر ۽ استاد منير ٻٻر ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو

news

ٽنڊو ڄام: ڀلوڙ شاعر ۽ استاد منير ٻٻر ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو. ادبي حلقي ۾ ڏک جي لهر.

خبر موجب ڀلوڙ شاعر ۽ استاد منير احمد ٻٻر ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي جنازي نماز زرعي يونيورسٽي جي وٽرنري فئڪلٽي وٽ ادا ڪئي وئي. جنهن بعد کيس سيد حاجن شاهه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

مرحوم منير ٻٻر سنڌي ۽ انگريزي ٻولي ۾ شاعري ڪئي ۽ هو جديد غزل جو ڀلوڙ شاعر سمجهيو ويندو هو. جڏهن ته هو استادي پيشي سان پڻ سلهاڙيل رهيو ۽ گذريل سال ٽنڊوڄام جي مڊل اسڪول مير غلام محمد ٽالپر مان ريٽائرڊ ٿيو.

منير احمد ٻٻر جي لاڏاڻي جي اطلاع ملڻ تي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوڄام سميت شاعرن، اديبن ۽ استاد طبقي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي. مرحوم منير ٻٻر جي لاڏاڻي تي آسي زميني، طارق قريشي، مٺل جسڪاڻي، رحمت الله ماڃوٺي، اسحاق سميجو، پارس حميد، ضراب حيدر، عبدالعزيز چنڊ، عبدالرسول عباسي، عبدالله آريجو، مير اعظم ٽالپور سميت مختلف اديبن ۽ شاعرن پاران گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

مرحوم جو تڏو ٽنڊوڄام جي مير ڪالوني ۾ سندس رهائشگاهه تي وڇايو ويو آھي، جتي سندس ڀاء اشفاق ٻٻر ۽ پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.