ڀارتي فوج هٿان ڪشميري نوجوان جي شهادت تي والاريل وادي ۾ سخت احتجاج

news

سرينگر: ڀارتي فوج هٿان والاريل ڪشمير جي نوجوان رياض نائيڪو جي شهادت تي وادي ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، ڪرفيو جي باوجود نوجوان ڀارت مخالف احتجاج لاءِ رستن تي نڪري آيا ۽ ڀارتي فوج جي گاڏين کي باهه ڏني، ڪشميري نوجوانن فوجي جيپن کي گهيري ورتو جنهن کانپوءِ قابض فوج جا اهلڪار پنهنجون جانيون بچائي ڀڳا، احتجاج دوران آزادي جا نعرا گونجندا رهيا.

احتجاج دوران ضلع پلواما ۾ هڪ نوجوان ڀارتي فوج جي فائرنگ جو شڪار ٿي ويو ان کانپوءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ ڀارتي فوج ۽ مظاهرين وچ ۾ ٽڪراءُ ٿيندو رهيو، ڀارتي اهلڪارن مظاهرو ڪندڙن مٿان گوليون وسايون جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

ٻئي طرف رياض نائيڪو جي تعزيت لاءِ ڳوٺ ۾ لڳل شامياني کي به پٽي اڇليو ويو ۽ ڳوٺ جي ماڻهن ۽ شهيد جي ڪٽنب کي تعزيت ڪرڻ کان روڪيو ويو.

ياد رهي ته رياض نائيڪو سميت ٻين ڪيترن ئي شهيدن کي سندن وارثن حوالي ڪرڻ بجاءِ ڳجهي نموني ڀارتي فوج جي انتظام هيٺ قبرستان ۾ انهن کي دفن ڪيو ويو آهي، ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس والاريل ڪشمير ۾ احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.