نوابشاهه: مسجد ۾ باجماعت نماز پڙهڻ کان منع ڪرڻ تي پوليس تي پٿراءُ، ڪيترائي اهلڪار زخمي

news

نوابشاهه: سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪڻ لاءِ لڳايل لاڪ ڊائون 47 ڏينهن به جاري رهيو.

جڏهن ته جمعي جي نماز جي اجتماعن تي خدشن سبب نوابشاهه شهر ۾ 12 وڳي کان وٺي 3 وڳي تائين مڪمل طور تي لاڪ ڊائون رهيو، جڏهن ته غلام رسول شاهه ڪالوني جي علائقي طوبيٰ مسجد ۾ باجماعت نماز پڙهڻ کان منع ڪرڻ تي نمازين طرفان پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو.

جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او وومين ٿاڻو مريم ڀُرٽ، جمعدار حنا ذوالفقار، وڏو مُنشي شبانه ڪورائي، افشان راجپوت، ليليٰ واحد ۽ ٻه پوليس اهلڪار زاهد حسين ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا.

جڏهن ته حنا ذوالفقار کي وڌيڪ ڌڪ لڳڻ ڪري پي ايم يو اسپتال نوابشاهه ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نمازين پاران پوليس اهلڪارن کان موبائيل فون به ڦري ڇڏيون، جنهن بعد پوليس جي وڏي نفري پهچي حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ بعد پيش امام قاري عبدالله بروهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ٻئي طرف طوبه مسجد جي سنڀاليندڙ مولانا محمد حنيف کوسي پنهنجي وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته قاري عبدالله مسجد ۾ موجود هيو ته سو کان ڏيڍ سو ماڻهو مسجد ۾ زبردستي داخل ٿيا، جڏهن ته پوليس مسجد ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪئي آهي ۽ مسجد جي ٻاهران ڪجھ شرپسند ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻهو بيٺل هئا جن پوليس تي حملو ڪيو ۽ پوليس جي خلاف نعريبازي ڪئي جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا.

جڏهن ته قاري عبدالله پڻ پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته مونکان به غلطي ٿي آهي جو مون مسجد کي بند نه ڪيو.

هن چيو ته اسان قانون جو احترام ڪيون ٿا ۽ سنڌ حڪومت ۽ ضلعي حڪومت پاران جيڪي به حڪم ڪيا ويا آهن انهن تي آئنده مڪمل عمل ڪنداسين ۽ ڪنهن به صورت ۾ قانون کي هٿ ۾ نه کڻنداسين ۽ اسان آئنده سنڌ حڪومت پاران جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب مسجد ۾ نماز ادا ڪنداسين.