news
نوابشاھ

نوابشاهه لڳ ڳوٺ دودو مري ۾ ٻه معصوم نينگر سم نالي ۾ ٻڏي فوت

نوابشاهه: نوابشاهه تعلقي ٿاڻي جي حد وارث علي شاهه جي ڀرسان ڳوٺ دودو مري ۾ ٻه معصوم نينگر 9 سالن جو اشفاق علي ولد علي محمد مري ۽ 11 سالن جو دلي جان ولد خان محمد مري ڳوٺ ڀرسان وهندڙ سم نالي ۾ ٻڌي فوت ٿي ويا، جنهن جا لاش ڪجھ ڪلاڪن بعد ٻاهر ڪڍي سندن تدفيق ڪري مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا.

جڏهن ته ٻنهي معصوم نينگرن جي گهرن ۾ قهرام متل آهي، جڏهن ته تعلقي ٿاڻي نوابشاهه جي وڏي منشي نذير لاشاري ان واقعي جي تصديق ڪئي آهي.