ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ محمد بخش ڪليري ۾ پندرهن کان وڌيڪ ڪکائن گهرن ۽ مال جي وٿاڻن کي باهه

news

ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ محمد بخش ڪليري ۾ 15 کان وڌيڪ ڪکائن گهرن ۽ مال جي وٿاڻن کي باهه. الهه تلهه سڙي رک. فائر برگيڊ عملو هڪ ڪلاڪ بعد پهتو.

خبر موجب ٽنڊوڄام جي وارڊ نمبر 10 جي ڳوٺ محمد بخش ڪليري ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي اٿي. جنهن ڪيترن ئي ڪکائن گهرن ۽ مال جي وٿاڻن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. ڳوٺاڻا صرف پنهنجو پاڻ کي ۽ چوپائي مال کي بچائي سگهيا. جڏهن ته گهرن ۾ پيل قيمتي سامان، هنڌ بسترا، اناج ۽ بهه وغيره سڙي رک ٿي ويو.

باهه جي نتيجي ۾ محمد هاشم، گلڻ، ڇٽو، شبير، لالڻ، غلام مصطفى ۽ ميهر ڪليري جي گهرن سميت 15 ڪکاوان گهر ۽ مال جا وٿاڻ سڙي رک ٿي ويا. ڳوٺ محمد بخش ڪليري ۽ آسپاس جي ڳوٺن جا رهواسي پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. جڏهن ته ٽنڊوڄام ۽ حيدرآباد مان فائر برگيڊ جو عملو هڪ ڪلاڪ دير سان پهتو. جنهن بعد ۾ باهه تي مڪمل ضابطو آندو.

باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي. اطلاع ملڻ تي پ پ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ جي پٽ راول شرجيل ميمڻ، ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چيئرمين لياقت ڪليري، پ پ يوٿ ونگ حيدرآباد ٻهراڙي جي صدر ضامن ڪليري ۽ ٻين اڳواڻن پهچي باهه جي نتيجي ۾ ٿيل نقصان جو جائزو ورتو.

انهي موقعي تي راول شرجيل ميمڻ باهه متاثرن کي هر قسم جي سهائتا جو يقين ڏياريو.