ڪورونا وائرس: ڪويت ۾ ويهه ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو اعلان

news

ڪويت: (ڇنڇر 09 مئي 2020ع) عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس جي وڌندڙن اثرن کي نظر ۾ رکندي حڪومت ملڪ ۾ 20 ڏينهن مڪمل ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي ٻڌايو آهي ته ڪويت جي اطلاعات واري وزير اعلان ڪيو آهي ته 10 مئي تي شام 4 وڳي کان 30 مئي تائين سڄي ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو هوندو. خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب اطلاعات واري وزير ان حوالي سان واضح ڪيو آهي ته ڪرفيو جي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.

ڪويت جي اطلاعات واري وزير عوام کي چيو آهي ته هو گهرن ۾ ئي رهن ته جيئن وائرس جي پکڙجڻ جا امڪان گهٽ کان گهٽ ٿين. ياد رهي ته ڪويت ۾ ڪورونا وائرس سبب هينئر تائين 7 هزار 200 کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن جڏهن ته 47 ڄڻا فوت به ٿي چڪا آهن. ڪويت 20 اپريل کان سڄي ملڪ ۾ 15 ڪلاڪن جي ڪرفيو جو اعلان ڪيو هو.