وائٽ هائوس جون ٻه اهم شخصيتون ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

news

لاس اينجلس: (ڇنڇر 09 مئي 2020ع ) آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس جي پريس سيڪريٽري ۽ صدر ٽرمپ جي ڌيءَ ايوانڪا ٽرمپ جو پي اي به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب مائڪ پينس جي پريس سيڪريٽري ڪيٽي ملر جي جمعي تي ڪورونا جي رپورٽ پازيٽو آئي جنهن کان پوءِ هو وائٽ هائوس جي ٽئين شخصيت آهي جنهن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مائڪ پينس جي پريس سيڪريٽري ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪئي جڏهن ته هن وڌيڪ چيو ته مان وائٽ هائوس ۾ ڪورونا پکڙجڻ بابت پريشان ناهيان.

ميڊيا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مائيڪ پينس جي پريس سيڪريٽري ڪيٽي ملر نائب صدر سان رابطي ۾ هئي پر هن جي صدر ٽرمپ سان ويجهڙ ۾ ڪابه ملاقات نه ٿي هئي. ڪيٽي ملر آمريڪي صدر ٽرمپ جي اهم صلاحڪار اسٽيفن ملر جي گهر واري آهي ۽ ان جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کان پوءِ وائٽ هائوس طرفان اسٽيفن ملر جي ڪورونا ٽيسٽ ۽ ان جي اڃان تائين وائٽ هائوس ۾ ڪم ڪندڙن بابت ڪابه ڄاڻ ناهي ڏني وئي.

ميڊيا رپورٽ موجب ڪيٽي ملر جو خميس جي ڏينهن ڪورونا جو ٽيسٽ نگيٽو آيو هو جيڪو ٻئي ڏينهن جمعي تي پازيٽو آيو. هوڏانهن آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڌيءَ ايوانڪا ٽرمپ جي پرسنل اسسٽنٽ ۾ به ڪورونا ٽيست جو نتيجو پازيٽو آيو آهي جنهن کان پوءِ  وائٽ هائوس جي اسٽاف ميمبرن ۾ ڪورونا سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 3 ٿي ويو آهي.

پرڌيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي صدر جي ڌيءَ ايوانڪا ٽرمپ اسسٽنٽ بيني سان گڏ ڪم ڪندي هئي جيڪو گذريل ڪيترن هفتن کان ان جي ڀرپاسي ۾ موجود نه هو. ايوانڪا ٽرمپ ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي  احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي گذريل ٻن مهينن کان ان سان گڏ ٽيليفون جي ذريعي ڪم ڪري رهي هئي.