news
نوابشاھ

نوابشاهه شهر جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ پهچي وئي، فصل چٽ، آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان

نوابشاهه: نوابشاهه شهر جي مختلف علائقن عظيم ڪالوني، ڀنگوار ڪالوني ۽ پارڪن ۾ ماڪڙ پهچي وئي.

خاص طور تي نوابشاهه ڀرسان ڀنگوار ڳوٺ ۽ ڳوٺ محمد خان چانڊيو جي ڳوٺ ۾ جوهر، ووئنڻ ۽ ڀاڄين جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.

هاري ٿال، پلاسٽڪ جون بوتلون ۽ پليٽون وڄائي ماڪڙ کي اڏاريندا رهيا، جڏهن ته جتي به ماڪڙ بيهي پئي اک ڇنب ۾ بيٺل فصل ختم ٿي پيو وڃي.

انهي سلسلي ۾ آباد گارن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي طرفان جوڳا اپاءُ نه وٺڻ جي ڪري اسان جي فصلن کي نقصان ٿيو آهي ۽ اسان لکين روپيا خرچ ڪري فصل پوکيو آهي، حڪومت کي گهرجي ته آبادگارن جي مدد ڪري ته جيئن اهي وڌيڪ نقصان کان بچي سگهن.