شهدادپور شهر مٿان ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ماڪڙ فصل تباهه ڪري ڇڏيو

news

شھدادپور: شهدادپور شهر مٿان ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ اوچتو ماڪڙ پھچي ويو.

شھر اندر وڻن ۽ ٻھراڙين ۾ وونئڻن، گاهه، ڪمند، ڪيلو وغيرہ ۽ ٻين فصل کي کائڻ شروع ڪري ناس ڪري ڇڏيو.

شھدادپور ۽ ڀرپاسي ۾ ماڪڙ جي تباھڪارين بعد   آبادگار فصلن مان ماڪڙ کي ڀڄائڻ لاء سڄو ڏينھن  رڌل رھيا، جڏھن تہ حڪومت طرفان ماڪڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آھن.