دنيا جي مختلف ملڪن اندر لاڪ ڊائون ۾ مرحليوار نرمي ڪئي وئي

news

واشنگٽن: (سومر 11 مئي 2020ع)  عالمي وبا ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي سڄي دنيا ۾ تقريبن هر ملڪ ۾ ئي لاڪ ڊائون ۽ جزوي ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.

ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جو واحد  حل اهوئي آهي ته سماجي وٿي اختيار ڪئي وڃي ۽ اهوئي سبب آهي ته سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي. لاڪ ڊائون سبب سموريون سرگرميون ٺپ ٿي ويون آهن ڪوبه پنهنجي ڪم جي لاءِ ناهي نڪري رهيو جنهن سبب سڄي دنيا جي معيشت تي سخت اثر پئجي رهيا  آهن پر هاڻ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي  پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ لڳايل لاڪ ڊائون ۾ مرحليوار نرمي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

فرانس ۾ اڄ کان ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري سگهندا: فرانس ۾ اڄ کان ماڻهن کي  گهرن کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي جنهن کان پوءِ اڄ ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري سگهندا.

فرانس:

ٻئي طرف فرانس ۾ استاد اسڪول وڃي سگهندا جڏهن ته ڪجهه دڪانون به کوليون وينديون پر بار، هوٽلون، ٿيٽر ۽ سئنيما بند رهندا.

اسپين ۾ لاڪ ڊائون ۾ اڄ کان نرمي جو اعلان:

اسپين ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڳو لاڪ ڊائون ۾ اڄ کان نرمي جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ   ميڊرڊ ۽ بارسلونا ۾ ڏوراهين علائقن کان ٻاهر بار ۽ هوٽلون کوليون وينديون. ٻئي طرف ميڊرڊ ۾ دوست ۽ مائٽ ۽ فيمليون کلي جڳهين تي ملاقات به ڪري سگهندا.

بيلجيم ۽ يونان ۾ به اڄ کان لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو اعلان: 

بيلجيم ۽ يونان ۾ به اڄ کان ڪورونا وائرس جي ڪري لڳايل لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو اعلان ڪيو ويو آهي. ايران ۾ به بازارون ۽ شاپنگ سينٽر کلي ويا: هوڏانهن ايران ۾ به ڪورونا جي پکيڙ گهٽ ٿيڻ کان پوءِ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي وئي آهي. جنهن کان پوءِ ايران ۾ هاڻ بازار ۽ شاپنگ سينٽر کوليا ويا آهن.

ترڪي ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو اعلان:

ٻئي طرف ترڪي به آچر تي سڄي ملڪ ۾ لڳايل لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو اعلان ڪيو هو.

ڀارت ۾ سڀاڻي کان ريل سروس جي بحالي:

ڀارت ۾ اڱاري کان ريل سروس بحال ٿيڻ شروع ٿي ويندي جنهن کان پوءِ نئين دهلي کان ممبئي، بنگلور، چنئي جي وچ ۾ 30 ٽرينون هلايون وينديون. ياد رهي ته ڀارت ۾ مارچ جي آخر ۾ ٽرين سروس بند ڪئي وئي هئي پر ڀارت ۾ لاڪ ڊائون جي دوران 366 خاص امدادي ٽرينون هلايون وينديون. امدادي ٽرينن ۾ 300 ٽرينون  هاڻ روزاني جي بنياد تي هلايون وينديون. ياد رهي ته ڀارت ۾ هنيئر تائين ڪورونا وائرس جي متاثر ماڻهن جو انگ 60 هزار ٿي چڪو آهي جڏهن ته وائرس سبب 2 هزار فوتگيون به ٿي چڪيون آهن.

جرمني ۾ ڪورونا ڪيسن جي انگ ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافو:

سڄي دنيا ۾ جتي لاڪ ڊائون ۾ مرحليوار نرمي جو اعلان ڪيو پيو وڃي ته اتي ئي جرمني ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافو نظر اچي رهيو آهي. ان حوالي سان هڪ جرمن ڊسٽرڪٽ هڪ پروسيسنگ پلانٽ ۾ وبا پکڙجڻ تي پابنديون سخت ڪري ڇڏيون آهن.

برطانيه ۾ اربع تي ماڻهو وڌيڪ وقت گهر کان ٻاهر گذاري سگهندا:

برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جو چوڻ آهي ته اربع تي ماڻهو وڌيڪ وقت گهر کان ٻاهر گذاري سگهندا جڏهن ته  اهي ماڻهو جيڪي گهر جو ڪم نٿا ڪري سگهن اهي ڪم تي وڃي سگهن ٿا. ٻئي طرف برطانيه جي وزياعظم بورس جانسن پهرين جون تي لاڪ ڊائون وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي.