ايٿوپيا ڪينيا جو جهاز ڪيرائڻ جي ذميواري قبولي ورتي

news

ايٿوپيا: (سومر 11 مئي 2020ع) آفريڪي يونين فورس انڪشاف ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس بابت امدادي شيون صوماليه کڻي ويندڙ ڪينيا جي جهاز کي ايٿوپيا جي فوج ڪيرايو هو.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب 4 مئي تي ضرورت واريون شيون ۽ ڪورونا بابت امدادي سامان صوماليه کڻي ويندڙ ڪينيا جو خانگي جهاز ايٿوپيا ۾ ڪري تباهه ٿي ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ موجود 5 ماڻهو فوت ٿي ويا. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي آفريڪي يونين فورس جي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جهاز کي ايٿوپيا جي فوج خودڪش حملي آور سمجهي  غلطي سبب ڪيرايو هو.

ايٿوپيا جي فوج موقف اختيار ڪيو آهي ته جهاز بابت ڪابه خبر نه ڏني وئي هئي هي غير امڪاني اڏام هئي ۽ جهاز تمام گهڻو هيٺ اڏام ڪري رهيو هو جنهن تي اهو وهم ٿيو ته جهاز کي فوجي اڏي تي ڪيرائڻ جي لاءِ هاءِ جيڪ ڪيو ويو آهي.

ايٿوپيا جي فوج واري ترجمان وڌيڪ چيو آهي ته هي هڪ غلطي هئي جنهن تي معذرت خواهه آهيان. جيڪڏهن پهريان اطلاع هجي ها ته خانگي جهاز امدادي سامان کڻي  وڃي رهيو آهي ته اهو واقعو پيش نه اچي ها.