ايراني سامونڊي ٻيڙي مشقن دوران پنهنجي ئي ٻيڙي تي ميزائل فائر ڪري ڇڏيو، اوڻيهه ڄڻا مارجي ويا

news

تهران: (سومر 11 مئي 2020ع) ايران جي سامونڊي ٻيڙي مشقن جي دوران پنهنجي ئي سامونڊي ٻيڙي تي ميزائل فائر ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار نيوي جا 19 اهلڪار مارجي ويا.

عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب ايراني فوج واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته واقعو آچر جي ڏينهن ان وقت پيش آيو جڏهن فوجي مشقن جي دوران عمان ۾ ميزائل  جي حدف طرف فائر ڪيو ويو پر هو ويجهو ئي موجود ايران جي ٻيڙي کي وڃي لڳو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار 19 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا.

عرب ميڊيا ٻڌايو ته واقعو عمان ۽ تهران جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع جسڪ پورٽ جي ويجهو پيش آيو جتي آچر جي ڏينهن جسڪ ۽ چاهه بهار جي  پاڻي ۾  نيوي جون مشقون جاري هيون ۽ ان دوران هڪ  سامونڊي ٻيڙو ميزائل جو نشانو بڻجي ويو.

ايران جي سرڪاري ميڊيا واقعي کي حادثو قرار ڏيندي چيو آهي ته جهاز پنهنجي حدف کي نشانو بنائي رهيو هو ته اوچتو اهو واقعو پيش آيو  حادثي جو شڪار بنجندڙ ٻيڙي کي 2018 ۾ تيار ڪيو ويو هو جيڪو سمنڊ  مان ميزائل فائر ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو.

عرب ميڊيا موجب هينئر تائين ان ڳالهه جي تصديق ناهي ٿي سگهي ته حادثي  وقت جهاز ۾ ڪيترا ماڻهو سوار هئا پر ترڪ ايجنسي دعويٰ ڪئي آهي ته جهاز ۾ 40 کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا جن مان 20 ڄڻا مارجي ويا آهن.