پي سي بي کان انصاف نه مليو ته سڀ ڪجهه سامهون کڻي ايندس: سليم ملڪ

news

لاهور: (اڱارو 12 مئي 2020ع) اڳوڻي ڪپتان سليم ملڪ چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جيڪڏهن مون کي انصاف نه ڏنو ته مان سڀ ڪجهه سامهون کڻي ايندس.

فڪسنگ اشو اڇالڻ کان پوءِ پي سي بي سان رابطي تي سليم ملڪ چيو ته هر ڀيري رابطي جي باوجود پي سي بي طرفان ڪوبه جواب ناهي ملي رهيو.  جيڪڏهن پي سي بي انصاف نه ڏنو ته مون وٽ آءِ سي سي ۾ وڃڻ جو رستو کليل آهي. جيڪڏهن بورڊ انصاف نه ڏنو ته مان سڀ ڪجهه سامهون کڻي ايندس. مان ڪنهن جي خلاف ناهيان ۽ نه ئي مان ڪنهن جو نالو کنيو آهي.

مان شروع کان چوندو پيو اچان ته جسٽس قيوم جي رپورٽ پڙهو. هاڻ جڏهن ماڻهن اها رپورٽ پڙهي ته کين سمجهه آئي آهي. وسيم اڪرم بابت سليم ملڪ چيو آهي ته وسيم اڪرم ڪڏهن مون کان ڪجهه سکڻ يا پڇڻ جي خواهش ظاهر نه ڪئي. ان لاءِ مون به کيس ڪجهه ناهي ٻڌايو. شروع کان عادت رهي ته جيستائين پاڻ ڪير مشورو نه گهري مان ڪنهن کي به مشورو ناهيان ڏيندو.

سليم ملڪ ڏوراپو ڏيندي چيو ته منهنجي پٽ شافع ملڪ کي سٺي ڪارڪردگي جي باوجود منهنجي ڪري نشانو بنايو ويو منهنجي باري ۾ جيڪڏهن پي سي بي وٽ ڪجهه هو ته مان 8 سالن کان ڪيس وڙهي رهيو آهيان اهي عدالت ۾ پيش ڪن ها.

سليم ملڪ واضح ڪيو ته ڪرڪيٽ جا دروازا بند ٿيڻ کان پوءِ ڪاروبار ڪري سٺي زندگي گذاري رهيو آهيان. ماڻهو اهو سمجهي رهيا آهن ته مان شايد سليڪٽر يا ٽيم جي ڪوچنگ طرف اچڻ چاهيان ٿو ائين ناهي. مان اڪيڊمي جي سطح تي نوجوان رانديگرن جي ڪوچنگ ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو.