انگلينڊ ۾ ڪرڪيٽ جي جلد بحالي جا امڪان ختم ٿيڻ لڳا

news

لنڊن: (اڱارو 12 مئي 2020ع) انگلينڊ ۾ فوري طور تي ڪرڪيٽ جي سرگرمين جي بحالي جو امڪان ختم ٿيڻ لڳو. وزيراعظم بورس جونسن جي ٻن لفظن واري اعلان اسٽريليا جي ٽيم جو دورو به غير يقيني واري صورتحال ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.

اي سي بي طرفان آسٽريلوي بورڊ کي سيپٽمبر جي شروعات ۾ سيريز جي تجويز ڏئي سگهجي ٿي. تفصيل موجب برطانوي وزيراعظم بورس جونسن گذريل ڏينهن واضح ڪيو هو ته اسان وڌ کان وڌ آئوٽ ڊور ايونٽس جي شروع ٿيڻ جي حوصله افزائي ڪرڻ چاهيون ٿا پر ڪورونا وائرس جو خطرو لاڳيتو موجود هجڻ سان گڏ شدت اختيار ڪري رهيو آهي.

اها شيءَ اسان کي لاڪ ڊائون ۾ نرمي کان روڪي رهي آهي. اوهان پنهنجي مقامي پارڪ ۾ اُس جي تپش وٺي سگهو ٿا. ٻين شهرن جو سفر به ڪري سگهو ٿا. جيڪا راند کيڏڻ چاهيو کيڏو پر صرف پنهنجي مائٽن سان گڏ ئي کيڏڻ جي اجازت آهي ان جي هن اعلان سان آسٽريليا جو انگلينڊ وارو دورو غير يقيني ٿي ويو آهي.

آسٽريليا جي ٽيم کي 3 کان 16 جولاءِ تائين 3 ٽي 20 ۽ اوترا ئي هڪ ڏينهن وارا ميچ کيڏڻا هئا. انگلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊ پهريان ئي رانديگرن جون سرگرميون پهرين جولاءِ کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر هاڻ  ان ۾ وڌيڪ دير به ٿي سگهي ٿي.