ورلڊ ڪپ اوڻيهه سئو نوانوي ۾ وسيم اڪرم منهنجي توهين ڪئي هئي: خالد محمود

news

ڍاڪا: (اڱارو 12 مئي 2020ع) اڳوڻي بنگلاديش جي آل رائونڊر خالد محمود دعويٰ ڪئي آهي ته ورلڊ ڪپ 1999ع جي هڪ ميچ ۾ وسيم اڪرم منهنجي توهين ڪئي هئي.

هڪ انٽرويو ۾ خالد محمود چيو ته پاڪستان جي خلاف ميچ ۾ اسان پوري شدت سان بالنگ ڪري رهيا هئاسين ۽ مخالف سائيڊ دٻاءُ ۾ هئي. وسيم اڪرم کي بالنگ ڪندي جڏهن مان ان جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو ته هن مون کي چيو ته ڇا ڏسي رهيو آهين ۽ ان سان گڏ ئي هن توهين جوڳو جملو به چيو.

ٻئين بال تي به هو مون کي گهوري ڏسي رهيو هو. واضح رهي ته 1999ع جي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان بنگلاديش جي خلاف پنهنجو گروپ ميچ هارائي ويو هو. ان ميچ ۾ ڪاميابي کان پوءِ بنگلاديش جي لاءِ عالمي ڪرڪيٽ جا دروازا  کلي ويا هئا.